حيدرآباد( بيورو رپورٽ) ٽنڊو حيدر جي رهواسي عورت پاران ڌيءِ سميت بااثر ماڻهن خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي مسمات شهربانو ڏيٿو دانهيندي الزام هنيو ته موري منگر واري علائقي سان تعلق رکندڙ بااثر قاسم نالي شخص سندس نياڻي مهوش ڏيٿو کي ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ هراسان پيو ڪري ۽ نياڻي جي انڪار تي سندن گهر تي ڪاه ڪرائي سمورو سامان به کڻائي ويو آهي متاثر عورت موجب ته هن 5 مهينا اڳ نياڻي جي شادي امتياز ڏيٿو نالي نوجوان سان ڪرائي هئي جتي ساهرن جي گهر ۾ بااثر شخص ايندو رهي ٿو جتي هن سندس نياڻي سان زبردستي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هو ساڻس ناجائز لاڳاپا رکي ٻي صورت ۾ هو کين جاني ۽ مالي نقصان پهچائيندو جنهن خوف ۾ هاڻي سندس نياڻي مڙس جي گهر ۾ رهڻ بدران پاڻ سان گڏ پئي رهي, هن چيو ته انهن بااثر شخص خلاف پٻڻ پوليس وٽ دانهيو آهي پر ڪو به تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي جنهن بعد انهن  ڊي آءِ جي پير محمد شاه ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ کي درخواستون ڏنيون آهن ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن نياڻي کي ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ تنگ ڪندڙ بااثر شخص خلاف پوليس ڪاروائي کي يقيني بڻائي, هن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن بااثر کان کين تحفظ فراهم ٿي سگهي.