ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو شھر مان ناري کي اغوا ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثر  ناري وارثن  نظر محمد مري، ممتاز مري عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ هٿيار بندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪندي  زبردستي ناري ثنا مھڪ مري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدار فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، هنن چيو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود  جوابدار سري عام آزاد گهمي رهيا آهن، پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڌمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.