لاڙڪاڻو: ايم ايس چانڊڪا قانوني رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ موڪل تي روانو

0
136
لاڙڪاڻو: ايم ايس چانڊڪا

لاڙڪاڻو (ن پ ا) مبينا تشدد جو نشانو بڻيل ايم ايس چانڊڪا اسپتال قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي بجاءِ 5 ڏينهن جي موڪل تي روانو ٿي ويو

ميڊيڪل  سپريٽيڊنٽنٽ  چانڊڪا عبدالستار شيخ سيڪريٽري  صحت کي موڪل جي درخواست ڏني ته مون کي ڌمڪايو پيو وڃي، ان صورت ۾ مان آفيس ۾ نه ٿو ويھي سگهان

گذريل رات امپائر روڊ تي ايم ايس چانڊڪا کي جتوئي ذات جي ماڻهن مبينا طور تي تشدد جو نشانو بڻايو ھو جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ ايم ايس موڪل تي روانو ٿي ويو