حيدرآباد ۾ مڙس گوليون هڻي پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

0
214

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي روينيو ڪالوني ۾ گهريلو جهيڙي بعد مڙس گوليون هڻي پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي

پوليس چيو آهي ته قتل ٿيل ناري جي سڃاڻپ 25 سالن جي صنم زال محمد عظيم چانڊيو طور ٿي آهي، ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، صنم کي سندس مڙس قتل ڪيو آهي

ايس ايڇ نسيم نگر لياقت سرڪي جو چوڻ آهي ته ناري جي وارثن به تصديق ڪئي آهي ته گهريلو جهيڙي بعد رات دير سان محمد عظيم عرف مجاهد چانڊيو زال صنم کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

ڄاڻايل خاندان جو تعلق قمبر شهدادڪوٽ واري علائقي سان آهي جيڪو يسرب حال ڀرسان روينيو ڪالوني ۾ رهائش پذير آهن