لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ مهينو اڳ شادي شده عورت غلام فاطمه مغيري کي ڄنگهه جي آپريشن دوران نشو ڏئي ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيشن پاران مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد ٽن جوابدارن ۽ عورت جا جزا وٺي ڊي اين اي لاءِ لمس ليباريٽري ڄامشوري موڪليا ويا هئا، ڪالهه لمس ڄامشوري جي ليباريٽري طرفان ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڊي اين اي جي رپورٽ اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ عورت ۽ ٽنهي جوابدارن جي ڊي اين جا سيمپل مئچ نه ٿي سگهيا آهن.