شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ لڳ قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جو ڪيس 19 جوابدارن خلاف داخل، پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، ڌريون مورچا بند. خبر موجب گذريل ڏينهن ڳوٺ نور محمد جلباڻي ۾ ممتاز جلباڻي ۽ محمد بخش جلباڻي جي قتل واري واقعي جو ڪيس مقتول ممتاز جلباڻي جي پيءُ اعجاز جلباڻي جي فرياد تي 4 اڻ سڃاتل جوابدران سميت 19 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ ڪالو ڪٽوھر، مير گل ڪٽوھر، حيات ڪٽوھر ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن سنجر ڀٽي پوليس 5 ڏينهن گذرڻ باوجود قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.