لاهور ۾ گوليون هڻي ماءُ ۽ سندس 3 ٻارڙا قتل

0
182
ڪوئلي جي کاڻ وٽ ٽنڊو مٺاخان واسي پورهيت هٿياربندن هٿان قتل
ڪوئلي جي کاڻ وٽ ٽنڊو مٺاخان واسي پورهيت هٿياربندن هٿان قتل

ڪراچي (م ڊ) لاهور جي علائقي ڪهنه ۾ هڪ گهر مان عورت ڊاڪٽر ۽ ٽن ٻارن جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس موجب ڪهنه ۾ گهر مان ڊاڪٽر ناهيد ۽ ٽن ٻارن جا لاش هٿ آيا، ماءُ ۽ ٽن ٻارن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، سڀني کي مٿي ۾ گوليون هڻي ماريو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 45 سالن جي ڊاڪٽر ناهيد، سندس پٽ 20 سالن جو تيمور، 15 سالن جي ڌيءُ مهنور ۽ 9 سالن جي ڌيءَ ڌيءَ فاطمه شامل آهن

آءِ جي پنجاب رائو سردار واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي فرانزڪ ٽيمن جي مدد سان واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

آءِ جي پنجاب ڪهنه واقعي جي سمورن رخن کي نظر ۾ رکندي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو آهي