لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي سنڌ ۾ اليڪشن وڙهڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري رهيو آهي. تازو ئي قذافي اسٽيڊيم ۾ تقريب دوران رميز راجا شاهنواز ڏاهاڻي کي اسٽيج تي گهرائڻ سان گڏ دلچسپ جملو چيو، جيڪو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. شاهنواز ڏاهاڻي رميز راجا کان انعام وٺڻ لاءِ پهتو ته رميز راجا کيس چيو ته هي سنڌ ۾ ايترو ته مقبول آهي جو جيڪڏهن ائين ئي ڪرڪيٽ کيڏندو رهيو ته سنڌ ۾ اليڪشن به کٽي ويندو