ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۾ جاري انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 115 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان جي 316 رنز جي جواب ۾ زمبابوي ٽيم 200 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان زمبابوي جي دعوت تي پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 315 رنز ٺاهيون، پاڪستان طرفان حسيب الله شاندار بيٽنگ ڪندي 135 رنز جي بهترين اننگز کيڏي، جڏهن ته عرفان خان 75 رنز ٺاهيون. زمبابوي جي اليڪس فلائو 5 رانديگر آئوٽ ڪيا.  زمبابوي ٽيم شروعات ۾ ئي ڏکيائين جو شڪار رهي ۽ ڪوبه رانديگر بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ سموري ٽيم 43هين اوور ۾ 200 رنز تي ڍير ٿي وئي.