ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) لائيواسٽاڪ کاتي خالي پيل 45 جاين تي ڀرتين لاءِ بند پيل سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو، ڪميشن ڏانهن اماڻيل خط ۾ ريڪيوزيشن فارم ۽ رولز جي ڪاپي به نه لڳائي وئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جي خط بعد 11 مارچ کان بند پيل سنڌ سروس ڪميشن جي فنڪشنل نه ٿيڻ ڪري صحت، تعليم،  مڪاني ادارن سميت مختلف کاتن ۾ 16کان 18هين گريڊ جون 10 هزار جايون خالي پيل آهن، ٻئي طرف  لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري ڪميشن کليل نه هجڻ باوجود 16 کان 18هين گريڊ جي 45 جاين تي ڀرتين جا اشتهار جاري ڪرڻ جي جي سفارش ڪئي آهي، ڪميشن ڏانهن اماڻيل خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز  جي 13 جاين، 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فشريز جي 14 جاين، 17هين گريڊ جي بائلاجسٽ وارين 2 جاين، 17هين گريڊ جي بايوڪيمسٽ جي 2 جاين، 17هين گريڊ جي ٽيڪنيڪل آفيسر جي 2 جاين ۽ 16هين گريڊ جي اسسٽنٽ جي 12 جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران اماڻيل خط ۾ ريڪيوزيشن فارم ۽ رولز جون ڪاپيون شامل ناهن،  پبلڪ سروس ڪميشن کلڻ کانپوءِ لائيو اسٽاڪ کاتي جي لکيل خط کي ڪميشن اختياريون اڻپورو قرار ڏئي سگھن ٿيون.