مشعال ملڪ عمران خان کان ڌرڻو اڳتي وڌائڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

0
184
مشعال ملڪ عمران خان کان

حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ هٿ  ٻڌي عمران خان کي پنھنجو ڌرڻو اڳتي وڌائڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آھي

اسلام آباد ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي مشعال ملڪ چيو ته مان، منهنجي ڌيءَ ۽ عوام 25 مئي تي ياسين ملڪ جي محبت ۾ نڪري رھيا آھيون، عمران خان صاحب توھان تھ ياسين ملڪ جا دوست آهيو، توھان ڌرڻو اڳتي وڌائيندا تھ فرق نھ پوندو

هن چيو ته مون کي خبر آهي ته اندروني سياست تمام ضروري آهي پر ڪشمير عبادت آهي، توهان 25 جولاءِ تي ئي ڪشمير لاءِ ٻاهر نڪرو، ياسين ملڪ لاءِ ٻاهر نڪرو، ان ڏينهن کيس ڀارت جي عدالت قيد يا موت جي سزا ٻڌائيندي

مشعال ملڪ چيو ته 8 سال گذري ويا آهن، مون پنهنجي مڙس کي نه ڏٺو آهي، اڄ ياسين ملڪ جي زال ۽ ڌيءَ سندس لاءِ تڙپي رهيون آهن، منهنجي مڙس کي شهيد ٿيڻ نه ڏيو، هي منهنجي ڌيءَ نھ ڪشمير جي ڌيءَ آهي، جيڪي قربانيون ڪشميري ڏئي رھيا آھن ان سان روح تڙپي ٿو، واضح رهي ته ڀارتي عدالت ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي