حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي بجلي جي بلن ۾ مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ رقم اوڳاڙي واري عمل کي رد ڪندي گهر ڪئي آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي عوام رليف فراهم ڪيو وڃي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ يونيفارم، ٽه ماھي ايڊجسٽمينٽ، فيوئل ايڊجسٽمينٽ، ٽئرف ايڊجسٽمينٽ، ايڊيشنل سرچارجز، اليڪٽريسٽي ڊيوٽي ۽ جنرل سيلز ٽيڪس جي نالي سان صارفين کان ناجائز طور رقم اوڳاڙي پئي وڃي. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ 40 سيڪڙو ٽيڪس لڳايا وڃن جڏهن ته ان جي قيمتن ۾ به روزانو اضافو ٿي رهيو آهي. بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنيون ۽ انهن جا ڪرپٽ آفيسر هٿرادو طريقي سان بجلي چوري ڪرائين ٿا جڏهن ته عوام ڏانهن ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا. خراب حڪمراڻي ۽ ڪرپٽ نظام جي ڪري سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. هن گهر ڪئي ته بجلي جي چوري ختم ڪري بجلي ايتري سستي ڪئي وڃي جو ڪنهن به فرد کي بجلي جي چوري ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي. هن چيو ته مهانگائي عوام جي زندگي جهنم بڻائي ڇڏي آهي. بجلي سان گڏ گئس به  مهانگائي آهي جڏهن ته پيٽرول جي قيمتن ۾ به بي پناهه اضافو ٿيل آهي. ڪرپٽ حڪمران کرب پتي ٿي ويا آهن جڏهن ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي رهيو آهي. حڪمرانن جي ايجنڊا تي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي شامل نه آهي.