بجلي جا بل نه ڀرڻ سنگين ڏوهه قرار: بل اوڳاڙڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو

0
217
بجلي جا بل نه ڀرڻ سنگين ڏوهه قرار: بل اوڳاڙڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو
بجلي جا بل نه ڀرڻ سنگين ڏوهه قرار: بل اوڳاڙڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: بجلي واهپيدارن کي فوري رليف ڏيڻ جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته نگران حڪومت بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ هڪ هفتي ۾ ڪابينا اجلاس ۾ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي

آرڊيننس جي مسودي ۾ بجلي جا بل نه ڀرڻ چوري تصور ڪيو ويندو، حڪومت سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري روڪڻ لاءِ هڪ خاص فورس قائم ڪندي، جنهن سان نه رڳو بجلي جي چوري روڪڻ ۾ مدد ملندي پر بجلي جي بلن جي اوڳاڙي ۾ واڌ ۾ مدد ملندي، بجلي چوري ۽ بل نه ڀرڻ سنگين ڏوهه سمجهيو ويندو

حڪومت طرفان شهرين طرفان گهرن جي ڇتين تي لڳايل سولر پينل جي مانيٽرنگ شروع ڪئي وئي آهي

حڪومت کي مالي سال 2023-24 ۾ صارفين کان 3.29 ٽريلن روپيا اوڳاڙڻا آهن، جنهن ۾ صارفين کي ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ 2 کرب ادا ڪرڻا پوندا

پاڪستان وٽ 41000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي، 100 ميگا واٽ شمسي توانائي سڄي ملڪ ۾ شهري پنهنجن ڇتين تي سولر سسٽم لڳائي حڪومت کي وڪرو ڪري رهيا آهن

1000 ميگا واٽ جي سولر پينلز جي ڪري سسٽم جي بجلي وڪرو نه ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي جي ڪيپسٽي چارجز ۾ اضافو ٿيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو بجلي جي بلن ۾ واڌ ٿي آهي