جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان منظور پنهور جي لاڏاڻي بعد چاليهي جي تقريب، پڳ ٻڌرائڻ جي رسم ۾ راڄن جي چڱن مڙسن جي شرڪت، سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب کان هزارن جي انگ ۾ پنهور برادري جا ماڻهو پهتا، چنگيز خان پنهور کي پڳ ٻڌرائي وئي، خبر موجب ڳوٺ آدم پنهور ۾ مير منظور پنهور جي لاڏاڻي کان پوءِ چاليهي جي تقريب ٿي، تقريب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن مان راڄن جا چڱا مڙس ۽ پهنور برادري جا ماڻهو شريڪ ٿيا، تقريب ۾ منظور پنهور جي وڏي پٽ چنگيز پنهور جي دستاربندي ڪئي وئي، چنگيز پنهور جي پڳ کي پهريون ور مراد علي شاهه ڏنو، جنهن کانپوءِ علي گوهر مهر، برهان چانڊيو، امير بخش ڀٽو، ناصر شاهه، جاڳڻ ڀيو، عبدالرزاق کوسو، ڄام تماچي، ذوالفقار سرڪي، لياقت جتوئي، عامر پٺاڻ، شهريار شر، عبدالنبي ٿهيم، حيدر علي جکراڻي، آغا سراج دراني، ميان عبدالباقي، سڪندر شاهه، منصور شاهه، راڻا ھمير سنگهه، رضوان اوڍو، ڄام خان شورو، گل محمد جکراڻي، اڪبر علي بليدي ۽ ٻين ور ڏنا، منظور پنهور جي پٽ اورنگزيب پنھور خطاب ڪندي چيو ته والد منظور پنهور هر ڏک سک ۾ سنڌ واسين سان گڏ رهيو، قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ ۽ جهڙيندڙ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائي خونريزي تي ضابطو آندو، هن چيو ته دوستن دستاربندي جي رسم ۾ شرڪت ڪري اسان کي مان بخشيو آهي، چاليهي جي تقريب جي آخر ۾ منظور پنهور جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ خيرات جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.