اسلام آباد: سي سي آءِ پاران 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ موجوده سيٽون برقرار رهنديون، جڏهن ته سي سي آءِ جي اهڙي منظوري سبب بلدياتي چونڊن لاءِ رستو هموار ٿي ويو آهي، تفصيل موجب سي سي آءِ پاران 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن کي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ باوجود قومي اسيمبلي ۾ مقرر صوبن جي سيٽن ۾ ڪا تبديلي نه ايندي ڇو ته 2017ع جي ئي آدمشماري جي عبوري انگن اکرن تحت قومي اسيمبلي ۾ تڪبنديون 2018ع جي چونڊن کان اڳ ڪيون ويون هيون، جنهن لاءِ عبوري نتيجن تي تڪبنديون ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي هئي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ کان پوءِ 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن تحت قومي اسيمبلي جون تڪبنديون ٿيون هيون، جڏهن ته سي سي آءِ پاران 2017ع جي آدمشماري کي لاڳو ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ ملڪ اندر بلدياتي چونڊن لاءِ رستو هموار ٿي ويو آهي، اهڙي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري طور تي 2017ع جي آدمشماري لاڳو تصور ٿيندي ۽ ان آدمشماري جي انگن اکرن تحت بلدياتي ادارن جون تڪبنديون ٿينديون.