قمبر: 5 ڄڻن جي قتل جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، 13 جوابدار نامزد

0
207

قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ نصير محمد مرزاڻي چانڊيو ۾ 4ڏينهن اڳ بروهي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل چانڊيا برادري جي ٻن ڄڻن خالد حسين چانڊيو، صابر چانڊيو ۽ زخمي معشوق چانڊيو جو ڪيس ڊرگھه ٿاڻي تي مقتولن جي وارث مظفر چانڊيو بروهي برادري جي 7 ڄڻن وهاب بروهي، صلاح بروهي ۽  جهيڙي دوران مارجي ويل 3 ڄڻن نادربروهي، عالم، ڀورل سميت ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو

ٻنهي ڌرين طرفان مارجي ويل 5 ڄڻن جا هڪ ٻئي خلاف 13ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن، جڏھن ته جهيڙي ۾ زخمي ٿيل وارهه پوليس جي اهلڪار امداد چانڊيو جو ڪيس اڃا تائين داخل ٿي نه سگهيو آھي نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آھي.

 

ھي به پڙھندا

وارھ ويجھو ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، پوليس اھلڪار سوڌو 3 ڄڻا زخمي