قمبر (رپورٽر) قمبر جي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثر عورتن ۽ مردن واهر نه ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس جي دروازي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مسمات عائشا کوسو. درناز چانڊيو.صفر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ڊي سي قمبر .اي سي ۽ مختيار ڪار اسان جي ڪا به سار سنڀال نه ٿا لهن، راشن ٽينٽ ۽ ٻيو سامان من پسند ماڻھن کي ڏئي رهيا آھن، اسان بکون ڪاٽي رهيا آھيون، هنن چيو ته اسان جي ڳوٺن مان هن وقت تائين برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي.