ملير(رپورٽر) ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي تي مئجسٽريٽ جو ڇاپو، باندي بڻايل شهري غائب: پوليس ٿاڻي جي دروازي ڀرسان بيٺل شهري جي گاڏي پڻ گم ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ شاهه لطيف ٿاڻي تي جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 6 هڪ شهري ياسر جي درخواست تي ڇاپو هنيو، لاڪپ ۽ ٻين هنڌن تان ڳولا باوجود شهري آصف ملي نه سگهيو ان موقعي تي مئجسٽريٽ  ٿاڻي جو روزنامچو پڻ چڪاسيو، پوليس پاران  گم ڪيل شهري جي ڀاءُ ياسر خان مئجسٽريٽ کي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءَ جي گاڏي ٻاهر بيٺل آهي، مئجسٽريٽ جي ٿاڻي کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ پوليس گاڏي کي به نامعلوم هنڌ لڪائي ڇڏيو،  جوڊيشل مئجسٽريٽ ايس ايچ او کي اڄ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي واضح رهي ته شهري ياسر درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته گذريل ڏينهن منهنجو ڀاءُ محمد آصف پنهنجي گاڏي W-3846 تي چڙهي شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ آيو، پوليس سندس ڪيس داخل ڪرڻ بدران کيس گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس گاڏي ٿاڻي جي دروازي ويجهو بيٺل آهي،