دوداپور (ن پ ا) دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾ 3 مهينا گذرڻ باوجود  نتظاميا توڙي تڪ جا چونڊيل نمائندا برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهيا آهن، نه ئي   روڊ رستن کي لڳل ڪٽ بند ٿي سگهيا آهن،  يونين ڪائونسل علڻپور، خدآباد، دوداپور، محمدپور، ميرانپور شيرانپور ۽ ٻين علائقن ۾ ھزارين متاثر خاندان کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن،  ٻئي طرف ڳوٺن جي چئن پاسن کان گندو پاڻي بيهڻ سبب سبب گيسٽرو، مليريا، چمڙي سميت مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، ان حوالي سان علائقي واسين قلندر بخش ڪٽوهر، بقا محمد کوسو، ڪامريڊ عبدالستار ڪٽوهر، دلدار ڀٽي، همٿ علي ڪٽوهر، لعل ڏنو لهر، نياز چانڊيو،الهداد چانڊيو، عرفان لهر، زبير احمد ڪٽوهر، بخشل مندراڻي، رضا محمد دستي ۽ ٻين چيو ته چونڊيل نمائندا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، اسان جي ڪابه واهر ناهي ٿي، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي.