قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڊسٽرڪٽ سيشن جج زاهد حسين ميتلو عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي  قمبر ضلعي جي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ سرڪار طرفان ملندڙ بجيٽ جا انگ اکر ڏيڻ جي سلسلي ۾ هڪ ليٽر ڊي اي او سيڪنڊري قمبر . ڊي اي او پرائمري قمبر ڏانهن موڪليو آھي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آھي ته  استادن جي کوٽ سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته تعليم کاتي طرفان توهان کي تعلقي سطح  جي بجيٽ ڏني وڃي ٿي يا ضلعي سطح تي بجيٽ ڏني پئي وڃي،؟ اها رپورٽ ڪورٽ ۾ روبرو پيش ٿي 3 ڏينهن اندر ڏني وڃي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا وڃن.