جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان باهه لڳڻ سبب 3 پورهيتن جا گهر سڙي رک. خبر موجب ڳوٺ گل محمد مشوري ۾ باهه لڳڻ سبب 3 پورهيتن جا ڪکانوان گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ حاجي مشوري، خدابخش مشوري ۽ خميسو مشوري شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل کٽون، ھنڌ، پيتيون، ڪپڙا ۽ روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، متاثرن ٻڌايو ته ٻارڙن راند ڪندي گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.