ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو چڪ نمبر 83 ۾ 18 ورهين جي رضيا راجپوت کي مبينا طور سندس سھري ۽ سس تشدد جو نشانو بڻائي ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، ناري جي پيءُ اختر راجپوت ۽ سئوٽ راشد علي الزام ھڻندي چيو ته رضيا راجپوت  کي سندس سھري ۽ سُس تشدد جو نشانو بڻائي جسم جي نازڪ عضوي تي لوھي راڊ جا ڏنڀ ڏنا آھن، هنن چيو ته سندن نياڻي جي تشدد سبب حالت خراب آهي، جنهن کي سول اسپتال سانگهڙ بعد نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس ڪراچي نيو ويو آهي جتي ھن وقت ايس آءِ يو ٽي ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي آهي، هنن چيو ته منگلي پوليس وٽ وياسين پر اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته ناري جي سس سهري خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.