ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي لڳ مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ پيادل روڊ پار ڪندڙ پيرسن شخص فوت ٿي ويو. مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڪرونڊي ڀرسان هيسباڻي گيٽ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ ڳوٺ خدا بخش هيسباڻي واسي  پيرسن شخص 55سالن جو هوت خان هيسباڻي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش پڪا چانگ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اهڙو اطلاع ملڻ تي وارث اسپتال پهچي فوتيءَ جو لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.