قصو نئين ٽي وي وٺڻ جو!

0
246
قصو امدادي ڪارڊ وٺڻ ۽ ماڻهو مان پکيءَ ٿيڻ جو!

                 ٽي وي جي خبرن منهنجو دماغ خراب ڪري ڇڏيو. جيڏي مهل ٽي وي کوليان ته عمران خان اعلان پيو ڪري ته اسان فلاڻا ڪارناما ڪيا آهن ۽ فلاڻا ڪارناما ڪرڻ جو پروگرام پيا ٺاهيون. الله ڏسندس! ايڏي مهانگائي ۽ بيروزگاري ڪئي اٿس جو ڇا ٻڌايان اسين غريب ماڻهو ڪن پٽي پيا پڇ کي کارايون ۽ پڇ  پٽي پيا ڪن کي کارايون. اليڪشن کان اڳ پنجاهه لک گهرن ۽ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ڪيو هيائين. وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ لکين گهر ڊهرائي ڇڏيائين ۽ لکين ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيائين. اهي لڇڻ اٿس ته ابتو ڪم ٿيندو. پنجن سالن جي بادشاهي ۾ 50 لک گهر ڊهرائي ڇڏيندو ۽ ڪروڙ ماڻهو نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيندو.

                 ٻئي طرف پاڻ وارو شهزادو بلاول ڀٽو صاحب پيو اعلان ڪري ته ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي. پنجاب ۾ کٽين يوسي جي سيٽ به ڪو نه ٿا. الائي ڪيئن ٿا حڪومت وٺن. ٽئين طرف راجڪماري مريم نواز پئي اعلان ڪري ته بابا اچي پيو اليڪشن کٽيند اسين حڪومت ڪنداسين. ٻئي طرف پ پ ۽ پي ڊي ايم ۾ رات ڏينهن وٺ وٺان شروع هجي. ٽئين طرف ٿر جي اسپتالن ۾ غذا جي ڪمي وارين بيمارين ۾ معصوم ٻار پيا مرن، چوٿين طرف بک ۽ بيروزگاري ۾ روز ڪيئي ماڻهو پيا خودڪشيون ڪن. مون ڏٺوته اهڙيون خطرناڪ ۽ دردناڪ خبرون ٻڌي ٻڌي آئون ٺپ چريو ٿي  پوندس. مون ٽي وي کڻي حيدرو هاليپوٽي جي حوالي ڪئي. تنهن کمون خاصخيلي جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏي. اتان ڪبير ڪيريئي ڪڍي،

 ان جو شيشو ڀڃي، پرزا ڪڍي، آهورو ٺاهي وڃي ڍڳي اڳيان ڪتر کائڻ لاءِ رکي. ٽي وي جو گم ٿي ته طوطن ماءُ مون کي تپائي ڏنو. منهنجو ان پاڻي بند ٿي ويو. طوطن ماءُ ايئن ڪاوڙ ۾ ڦوڪي ويٺي هجي جهڙو مون پڻس جو ڌاڙو هنيو هجي. مجبور ٿي مون ٽي وي جا پيرا کنيا. نيٺ وڃي ڪيريئي جي وٿاڻ تي پهتس ڏٺم ته ٽي وي، آهورو ٿي وئي هئي ان ۾ ڍڳي ڪتر پئي کاڌي. ڪاوڙ ۾ آئون تپي باهه ٿي ويس. منهنجو منهن ڦٽي صفا ڦٿل ٽماٽي جهڙو ٿي ويو. مون آهورو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڍڳي بگڙي صفا فردوس عاشق اعواڻ جهڙي ٿي پئي تنهن مون کي سڱن تي کڻي اهڙِي اڇل ڏني جو آئون ايئن وڃي وٿاڻ جي ڇت تي ڪريس جهڙو باز جي چنبي مان پکي ڪري پيو هجي. منهنجي ڪرڻ سان منهه جي ڪاين اهڙا چيڪاٽ ڪيا جهڙو پنجاب جي پهلوان وزير صحت ياسمين راشد ڪنهن اڀري کٽ تي ٿي ويٺي. منهنجي رڙين تي ڪبير ڪيريو اچي پهتو. تنهن غريب جي زال وانگر ڍڳي کي ڏاڍيون لٺيون هڻي هڪڙي پاسي ڪري مون کي ٽي وي مان ٺاهيل آهوور ڪڍي ڏنو.

اهو کڻي مون آڻي طوطن ماءُ کي ڏنو. چيومانس ٽي وي جي ماڻهن اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي. ڀڳل ۽ ٽٽل ٽي وي کي ڏسي طوطن ماءُ جو منهن بگڙي صفا ٽٽل مانڊڻي جهڙو ٿي ويو. چيائين مئا! اها ٽي وي آندي اٿئي يا ماڻهين جو چٻو وات آندو  اٿئي! امان جي لاءِ اهڙو ڪنو گفتو ڪڍيائين جو ڪاوڙ ۾ آئون به صفا مرون ٿي پيس. کيس مارڻ لاءِ مون وڃي زرعي اوزار يعني ڪوڏر، ڪهاڙي، رنبي، ٻياني ۽ ڏاٽو کنيا. هن مقاملي لاءِ وري وڃي رڌ پچاءُ جا اوزار يعني ٽڦڻي، چمٽو، ويلڻ، مهرلو ۽ ڏوئي کنيا. جنگ جا بادل اسان جي اڱڻ تي اچي لٿا. خطرناڪ جنگ شروع ٿيڻ واري هئي ته طوطن جي رڙين تي نانا پيرو اچي پهتو تنهن جنگبندي جو اعلان ڪري اسان ٻنهي کي ڳالهين جي ٽيبل تي ويهاريو. طوطن ماءُ منهنجي خلاف جرح ڪندي اهڙا دليل پئي ڏنا جهڙي ماهر وڪيل  هجي. مون به پنهنجي بچاءُ ۾ سردارن ۽ سياستدانن وانگر ڪيئي ڪوڙا سچا دليل ڏنا پر نانا پيرو منهنجو هڪ به دليل ڪو نه مڃيو.

 منهنجي مٿي تي ايئن هٿ ڦيرڻ لڳو جهڙو ڇانهين پيو چيڪ ڪري. نيٺ گونگي ڳالهايو چيائين بابلا! توکي بيوي کپي ته ان کي ٽي وي آڻي ڏي نه ته بيوي ويندئي هلي مائٽن! چيومانس نانا مون کي بيوي کپي نئين ٽي وي آڻي ٿو ڏيانس! انهي شملا ٺاهه کانپوءِ آئون سوچ ۾ پئجي ويس ته اٽي ۾ جهليو پيو آهيان نئين ٽي وي ڪٿان آڻي ڏيان؟ نيٺ طريقو نمبر 13 استعمال ڪرڻ جو سوچي آئون شهر ويس. اتي ٽي وين جو ڀلوڙ دڪان هو. دڪان کان ٿورو اڳتي گلي ۾ هڪ عاليشان گهر هو ان ٻاهران ٻار پئي کيڏيا مون ٻارن کي چاڪليٽ ۽ بسڪيٽ کارايا ڏهه ڏهه روپيا خرچي به ڏني ۽ چيومان ته آئون وري اچان ته مون کي بابا بابا چئجو. آئون وري به توهان کي شيون کارائيندس. پوءِ ٽي وين جي دڪان تي چڙهي هڪ ڀلوڙ ٽي وي پسند ڪيم ۽ دڪاندار کي چيم ته ادا آئون صفا زال جو مريد آهيان ان کي ڏيکاري پسند ڪرائي پوءِ وٺندس. چيائين مون کي گهر ڏيکار! آئون کيس انهن ٻارن وٽ وٺي ويس. انهن سڀني مون کي بابا بابا چيو ته کيس پڪ ٿي ته اهو منهنجو گهر آهي.

 پوءِ آئون ٽي وي کڻي آيس ۽ ٿورو اڳتي هلي رڪشا تي چڙهي گولي ٿي ويس. ٽي وي واري منهنجي انتظار ۾ ويٺي “اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان” وارو ڪلام پئي ڳايو. منهنجي نه اچڻ تي اچي ٻارن کان سندن بابا جو پڇيائين. هو پنهنجي بابا کي وٺي آيا اهو ڪو ٻيو گنجو همراهه هو. خير ٽي وي واري سان ڏاڍي ٿي. هن پاڻ کي هوشيار سمجهندي بازار کان پنج هزار مهانگي ٽي وي پئي ڏني پر پوءِ خبر پيس دنيا ۾ هن کان به وڌيڪ حرامڙا ماڻهو موجود آهن. بحرحال نئين ٽي وي جو طوطن ماءُ کي آڻي ڏنم ته اصل ٺري پئي. پيار سان مون کي اهڙو زور سان ڀاڪر پاتائين جو منهنجي مئل ۽ ستل جذبن ۾ به ساهه پئجي ويو.

رات جو طوطن ماءُ ٽي وي کولي. خبرون ڏٺم خبر پئي ته افغانستان مان جڏهن آمريڪا ٽپڙ گول ڪيا ته اتي جو صدر اشرف غني نواز شريف وانگر ڀڄي ويو ۽ افغانستان تي طالبان قبضو ڪري ورتو. ملا ذبيح الله ۽ ملاهيبت الله جبلن مان نڪري ڪابل تي قابض ٿي ويا آهن. سڀني کاتن جا وزير به سڀ پٽڪن ۽ ڏاڙهين وارا ملا آهن. ڪا به عورت اڳواڻ يا غير طالبان حڪومت ۾ ڪونهي. هنن اچڻ سان افغانستان جي عورتن جي ڪرڪيٽ جي قومي ٽيم ۽ فوٽ بال جي قومي ٽيم تي پابندي وڌي آهي. سڀاڻي اهي انتهاپسند، ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي وجهندا، جنهن لاءِ انهن هٿان زخمي ڪيل شاگردياڻي ملاله يوسفزئي رڙيون پئي ڪري ته اهي نياڻين کي ڪو نه پڙهائيندا. پوءِ نرسن، ڊاڪٽرياڻين، ماسترياڻين، پوليس وارين، وڪيلياڻين ۽ جج ماين تي به پابندي وجهندا، ملڪ جي اڌ آبادي رکندڙ عورتن کي گهرن ۾ واڙيندا. لبرل، سيڪيولر ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ماڻهن تي موچڙي جو زيپٽ هوندو. افغانستان جو عوام جنوني حڪمرانن جي ڪري بک ۾ پاهه پيو ٿيندو.

ان جو اثر پاڪستان ۾ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان تي به پيو جنهن ڪراچي واري جلسي ۾ عورتن کي شرڪت کان منع ڪيو پر ٻين ليڊرن جي تنقيد کانپوءِ اجازت ملي پر ملن جي ڊپ کان عورتون تمام ٿورڙيون آيون ان جي نشاندهي بلاول ڀٽو صاحب به ڪئي هئي. آمريڪا جو صدر جوبائيڊن وري پنهنجي ڀاڙيائپ لڪائيندي چئي ٿو ته اسان جو مقصد افغانستان مان القائده کي ختم ڪرڻ هو، اهو اسان ڪري ڇڏيو. کيس ڪير چئي ته اٺ جا پٺ القائده، الداعش، تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ طالبان ۾ ايترو فرق آهي جيترو اٺ، ڏاگهي، ڪرهي ۽ ميي ۾ آهي. هاڻي ته ٻين انتهاپسند تنظيمن کي به افغانستان ۾ محفوظ پناهگاهون ملي وينديون. مون کي انهي خبر ڏاڍو پريشان ڪري وڌو. صبح جو اسان جي ڳوٺ جو پيٽ پرست ۽ جاهل ملان مليو چيائين “افغانستان ۾ اسان جي  حڪومت اچي ويئي آهي، عنقريب پاڪستان ۾ به اسان جي حڪومت اچي ويندي ان ۾ آئون گهرو وزارت جو وزير ٿيندس ۽ توکي ڏسي رهندس. اڄ کانپوءِ مون سان ٽين ٽين نه ڪندو ڪر!” سندس بيوقوفي تي مون کي کل آئي چيومانس ملان ڪاش تون جاهل ۽ پيٽ پرست نه هجين ها، ڪنهن مسند ديني مدرسي مان فارغ التحصيل ٿي عالم دين ٿي نڪرين ها ته اهڙيون جاهلانه ۽ خود غرضي واريون ڳالهيون نه ڪرين ها، توجهڙن جاهل ملن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي.

 منهن ۾ موسيٰ جهڙو اندر ۾ ابليس

اهڙو خام خبيث ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيئين (شاهه)