ٿر جي عظيم ڪاريگر کيتارام سوٽھڙ جو وڇوڙو ۽ سندس ڪلا جو پڙاڏو

0
551
ھاڪڙو ۽ حقيقتون

                 سنڌ جي پاڙي واري پرڳڻي راجسٿان جو وسيع تر ريگستاني علائقو گھڻن پھلوئن کان تھذيبي طور تي اڄ پڻ سنڌ جي ٿرپارڪر واري علائقي سان مشابھت رکي ٿو. تاريخي طور اڻھوند ۽ عدم ترقي جھڙن مسئلن جي شڪار ھن خطي جي مجموعي معاشي و ترقياتي ڪاميابي جي ڪٺن پنڌ جو ڪاٿو لڳائڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته ھٿ جي ڪلا جو صنعتي سفر ھتان جي معاشي ترقي جو ھڪ بنيادي سنگ ميل رھيو آھي. خاص طور  جيڪڏھن جوڌپور جي ڪاٺ واري ھٿ جي ھنر جي صنعت جو ذڪر ڪجي ته اھا راجسٿان جي مقامي معاشي پيداوار جي مکيه لائيف لائين طور تصور ڪئي وڃي ٿي. جوڌپور ۾ ھٿ جي ھنر واري انھي صنعت جي سالياني ايڪسپورٽ لڳ ڀڳ 40 کان 50 ارب پاڪستاني رپين ۾ ٿئي ٿي. ڪاٺ واري ھٿ جي ھنر جي انھي صنعت مان ھزارين قسمن جا ٺھندڙ فرنيچر توڙي گفٽ ائٽمس وغيره آمريڪا، يورپ توڙي ٻين انيڪ ملڪن ڏانھن ايڪسپورٽ ٿين ٿا. ھن صنعت ۾ ڪم ڪندڙ 3 لک ماڻھن مان لڳ ڀڳ  ھڪ لک کن ڪاريگر ٿرپارڪر مان لڏي آيل خاندانن سان تعلق رکن ٿا. خوشقسمتي سان ھٿ جي ھنر واري ھن راجسٿاني صنعت جو اڄ کان چار ڏھاڪا پھرين جڏھن بنياد پيو ته ان وقت به ٿرپارڪر کان لڏي آيل خاندانن سان جڙيل ڪاريگرن جي ئي وڏي حصي انھي صنعت جو بنياد وجھڻ ۾ توڙي اڳتي ھلي انھي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو.  جيتوڻيڪ ھٿ جي ھنر واري ھن راجسٿاني صنعت جي اڄوڪي نقشي تي نظر وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته ٿرپارڪر مان لڏي آيل خاندانن جي نئين نسل انھي صنعت جي مھنداري جو واڳون سنڀالي ڇڏيون آھن پر ھن صنعت جا حقيقي آرڪيٽيڪ ھميشه اھي جھونا ڪاريگر تصور ڪيا وڃن ٿا جن جي ننڍپڻ توڙي جواني جي يادن ۾ ٿرپارڪر جون ڀٽون اڄ پڻ اڻ مٽجندڙ عڪس طور چٽيل آھن ۽ انھن جھونن ڪاريگرن جي اڪثريت اڄ به عمر جي آخري حصي ۾ پنھنجو ماضي ساري حب الوطني جي درد ۾ تاريخ جي داستانن جا درديلا ڳوڙھا ڳاڙيندي رھي ٿي. جيتوڻيڪ انھن جھونن مھا ڪاريگرن جا حافظا ڪلاڪاري جي مضمون تي ڪيئي پي.ايڇ.ڊيز ڪرڻ لاءِ مناسب خزاني کان گھٽ ھرگز ڪونھن پر گذريل چند سالن ۾ سماجي سائنس جي ھڪ شاگرد طور مون ھنن ڪاريگرن سان ڪچھريون ڪندي جيڪا  ھڪ اھم ڳالھه سمجھي سا آھي ڪلا جو ورثو جيڪو ھنن ڪاريگرن جي جينيٽڪس توڙي پيڙھي در پيڙھي منتقل ٿيندڙ اثاثي طور وٽن موجود آھي، بس ضرورت رڳو انھي ڳالھه جي ھئي ته ڪجھه صنعتي سھولتون ڏئي ڪاريگرن جي ڪلا واري ورثي کي سرمائي جي حقيقي طاقت ۾ تبديل ڪجي جنھن لاءِ راجسٿان سرڪار يقينن وس آھر مدد ڪئي.

 ھڪ ٻي اھم ڳالھه جيڪا ھٿ جي ھنر جي ھن صنعت تي تحقيق ڪندڙ ڪو عام محقق پڻ سمجھي سگھي ٿو ته ھٿ جي ھنر جي جوڌپور واري انھي صنعت جا اصل آرڪيٽيڪٽ گھڻي ڀاڱي ٿرپارڪر ڄاوا اھي جھونا ڪاريگرانھي ڳالھه کان انڪاري ھرگز ڪونه آھن ته سندن ڪلا جي سرمائي جون جڙون سنڌ جي ٿرپارڪر واري انھي علائقي ۾ ئي اسري نروار ٿيون آھن جيڪو علائقو تاريخي طور تي تھذيبي امير رھڻ سان گڏ راجسٿان، گجرات ۽ سنڌ جو سنگم پڻ رھيو آھي. انھي ڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته تھذيبي امير انھن ٽنھي خطن جي گڏيل ڪلا جي روائتي يونيورسٽي جا اصلي ڪئمپس ٿرپارڪر جا اھي ڳوٺ آھن جتي ھي جھونا ڪاريگر توڙي انھن جا وڏا اھرڻن (لاگ ڏيڻ طور استعمال ٿيندڙ لوھه جا دڪا) تي ھٿوڙين جي ٺڪ ٺڪ سان پشتا پشت ڪاٺ جا ھنا پاکڙا ٺاھي پتل جي چٽسالي ڪيل چادرن سان سينگاري پنھنجي روزي روٽي ڪمائيندا ھئا. انھن جھونن ڪاريگرن سان ٿيندڙ ڪچھرين ۾ مونکي ذاتي طور فخر تڏھن پڻ ٿيندو آھي جڏھن اڪثر اھي ڪلاڪار منھنجي ناني کيتارام سوٽھڙ جو ذڪر وڏي ادب سان ڪندي اھو اقرار ڪندا آھن ته کيتارام ٿر جو ھڪ عظيم ڪاريگر آھي جنھن جي ڪلا جو ڪو ملھه ڪونھي انھن جھونن جي ڪچھرين مان مون اھو پروڙيو ته نانو کيتارام واقعي ڪلا جي ڪانڊيرن ۾ ھڪ ڊگھو ۽ گھاٽو وڻ ھو. کيتارام سوٽھڙ مٺي کان ڏکڻ 5 ڪلوميٽر تي واقع ڳوٺ مالھڻور ويڻه سان تعلق رکندڙ ھڪ مھان ڪاريگر ھو. ٿر جو برک صحافي سائين مرحوم پريم شواڻي سندس ننڍو ڀاءُ ھو.

کيتارام سوٽھڙ 100 سالن جي عمر ماڻي 9 سيپٽمبر 2021ع تي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ھو ھٿ جي ھنر جو واقعي ڇيڙي جو ڪاريگر ھو جنھن جو پروفائيل نورجھان بلگرامي پنھنجي ڪتاب “دي ڪرافٽ ٽريڊيشن آف پاڪستان” ۾ پڻ ڪيو آھي. مونکي ياد آھي ته منھنجي ننڍي ھوندي نانو گھوڙن جي ھنن لاءِ پتل جي چادرن تي چٽسالي واري ڪم دوران اسان ٻارڙن کي چوندو ھو ته اھو پتل جون چٽيل چادرون ھاڻي رک ۽ واري سان رڳڙي صاف ڪيو ته ان وقت لڳندو ھو بغير ڪنھن ٽريسنگ جي سندن باريڪ چٽسالي واري ڪلا جا پيچيدا، انوکا ۽ سميٽريڪل پيٽرنس اڄ جي ڪنھن ڪمپيوٽرائيزيڊ ڊزائنس واري پيٽرنس کان پڻ عمدا ۽ اٽريڪٽو ھوندا ھئا. سنڌ جا انيڪ وڏا ماڻھو ناني کيتارام کان ھنا، پاکڙا توڙي چٽسالي واريون لٺون ٺھرائيندا ھئا. انھي ڪري ھڪ عام ڪاريگر ھوندي به ھن جي دوستي جو سرڪل وڏا ماڻھو ھوندا ھئا. راڻا ھمير سنگھه سوڍو اڍائي سال پھرين جڏھن مونکي سندس جئپور دوري دوران مليو ۽ مون کانئس ٿر جا حال پڇيا ته اھو چئي ٿر جا حال ڏنائين ته اسين سڀ ٿر ۾ خوش آھيون ٿر ۾ ڪير خوش ڪونه ھوندو جتي کيتوجي کي ڪنڌ لوڏيندي ڏسي سڀن جا ٿڪ لھي ويندا آھن. ڪجھه ڏينھن پھرين سوشل ميڊيا تي ھلندڙ مون جڏھن ناني جو ھڪ فوٽو ڏٺو جنھن ۾ ٿر جي محسن ارباب امير حسن جي فرزند اڀرندڙ سياستدان ارباب لطف الله ناني کي ڳراٽڙي مان ورتو ھو انھي مان اندازو ٿيو ته ھن جي ڪلا اڄ به ٿر ۾ وڏي سمان جي نظرن سان ڏٺي وڃي پئي ۽ ھن جو ڪردار يقينن ھڪ مھان ڪاريگر سان گڏوگڏ ھڪ اتساھيندڙ عام ٿري ڳوٺاڻي وارو ئي رھندو آيو آھي ۽ انھي ڳالھه ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته اھڙن سادن ڳوٺاڻن ڪردارن کي پسي ھر ٿريو ماڻھو جيئڻ جو اتساھه وٺندو آھي. ناني کيتارام سوٽھڙ جي وڇوڙي تي، ۽ سندن ڪلا جي عظمت مان فيض حاصل ڪندي جوڌپور ۾ ھٿ جي ھنر جي صنعت کڙي ڪندڙ انيڪ ٿر ڄاون جھونن ڪاريگرن پاران کين استاد ڪاريگر مڃيندي ياد ڪرڻ واري ڳالھه تي، اڄ آئون پنھنجي ناني کي ياد ڪندي پنھنجي جنم ڀومي لاءِ اھو پيغام ونڊڻ ۾ خوشي محسوس ڪيان ٿو ته ٿر جي عظيم ڪاريگر کيتارام سوٽھڙ جي ڪلا جو ورثو بي انتھا پوٽينشل جو حامل آھي جنھن کي هٿي وٺرائڻ  لاءِ سندن ڇڏيل ڪلا واري گس تي ڪنھن مناسب صنعتي انيشيئٽو سان سنڌ سرڪار توڙي ٻيون وابسته ڌريون انھي ٿري املھه ڪلا جي ورثي کي حقيقي سرمائي ۾ بدلائي سگھن ٿا ۽ اھڙي ڪم جي شروعات مٺي واري اجڙيل آرٽيسن ڪالوني کي نئين سر آباد ڪرڻ سان ڪري سگھجي ٿي.