سردار عطاءُ الله مينگل جي سياسي واٽ ڪهڙي هئي؟

0
250
اچو، شهيد هيمون ڪالاڻي کي ياد ڪيون

                 سينئر سياستدان ۽ بلوچ قومي تحريڪ جو انتهائي سرگرم اڳواڻ سردار عطاءُ الله مينگل به هن دنيا مان هليو ويو آهي. سندس ڳاڻيٽو انهن اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو جن 20 هين صدي ۾ بلوچ قومي تحريڪ جي جوڙ جڪ ڪئي ۽ انهي کي هڪ رخ ڏنو. هو انهي تحريڪ کي 21 هين صدي جي ٽئين ڏهاڪي ۾ کڻي آيا،  انهن بلوچ اڳواڻن ۾ نوروز خان، نواب خير بخش مري، غوث بخش بزنجو، نواب اڪبر بگٽي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل ذڪر لائق آهن. سردار عطاءُ الله مينگل عظيم بلوچ  اڳواڻن جي ڪهڪشان جو آخري ستارو هو جيڪو ٻڏي ويو.  هاڻي بلوچن جي قيادت انهن جو نئون نسل ڪري رهيو آهي،  اڳواڻن جو اهو نئون  نسل پنهنجي بزرگن جي سياسي ورثي کي ڪيئن اڳتي وڌائي ٿو ۽ بلوچ قومي تحريڪ آڏو ايندڙ نون چئلينجن جو ڪيئن مقابلو ڪري ٿو؟ اهو هڪ بنيادي سوال آهي.

نئين بلوچ قيادت اهو فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته انهي کي ڪرڻو ڇا آهي؟  سردار عطاءُ الله مينگل جا ٻه پٽ سردار اختر جان مينگل ۽ سردار جاويد مينگل هن جا  سياسي وارث ۽ جانشين آهن پر انهن ٻنهي جا رستا الڳ الڳ آهن. نواب خير بخش مري جو پٽ بالاچ مري پنهنجي آخري ساهه تائين هٿيار بند مزاحمت ڪندو رهيو انهي کانپوءِ انهي جي ٻئي پٽ حيربيار مري به هٿياربند جدوجهد جي واٽ ورتي. پاڻ نواب خير بخش مري هٿياربند جدوجهد جي واٽ تي هليو ويو هو، انهي کان پهرئين هو وفاق پاڪستان ۾ رهندي جمهوري جدوجهد جو حامي هو. اهڙي طرح وفاق پاڪستان جي سياست ڪرڻ وارو نواب اڪبر خان بگٽي پنهنجي آخري عمر ۾ هٿيار بند جدوجهد جو حامي ٿي ويو هو. هن وقت سندس  هڪ  پوٽو برهمداغ بگٽي آزاد بلوچستان لاءِ هٿيار بند تنظيم هلائي رهيو آهي، جڏهن ته ٻيو پوٽو شاهه زين بگٽي پاڪستان جي سياست ڪري رهيو آهي. خود سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي زندگي ۾ سياسي ۽ مزاحمتي جدوجهد ٻنهي رستن تي هليو. هن ايوب خان جي دور ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو پر ان سان  گڏوگڏ 59-1958ع 69-1963ع  دوران هٿياربند مزاحمت ۾ اڻ سڌي طرح ڀرپور حصو ورتو، پوءِ  1970ع جي عام چونڊ  ۾ نيشنل عوامي پارٽي ( نيپ)  جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي ۽ پهرئين مئي 1972ع تي هو بلوچستان جو پهريون چونڊيل وڏو وزير ٿيو، پوءِ جڏهن 10 مهينن کانپوءِ 1973ع ۾ هن جي حڪومت برطرف ڪئي وئي ته مري ۽ مينگل قبيلن جبلن تي وڃي هٿياربند مزاحمت ڪئي.

 سردار عطاءُ الله خان مينگل انهي مزاحمت جو بنيادي ڪردار هو.  هو ڀٽو دور ۾ ڪيترا سال جيل ۾ رهيو، حيدرآباد سازش ڪيس ۾ به هن جو ٽرائل ٿيندو رهيو، ضياءُ الحق جي دور  ۾ هن جلاوطني اختيار ڪئي ۽ 1981 ع ۾ لنڊن ۾  ويهي هن آزاد بلوچستان جو اعلان ڪيو، انهي سان گڏوگڏ هن سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ به قائم ڪيو ۽ اهو پيغام ڏنو  ته هو پاڪستان جي ٻين مظلوم قومن سان گڏجي سياسي جدوجهد ڪرڻ گهري  ٿو. 1996ع  ۾ هن وطن واپس اچي پنهنجي سياسي جماعت بلوچستان نيشنل پارٽي ( بي اين پي)  مينگل قائم ڪئي  ۽ ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺي پاڪستان جي سياست ڪرڻ لڳو،  سندس پٽ اختر جان مينگل بلوچستان جو وڏو وزير ٿي ويو.

28 مئي 1998ع  تي بلوچستان جي علائقي چاغي  ۾ ايٽمي ڌماڪا ٿيا.  6 جون 1998 ع تي ڪراچي جي بلوچستان هائوس ۾ بي اين پي مينگل جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. انهي اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سردار اختر جان مينگل خطاب ڪندي پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن کي ٻڌايو ته مان بلوچستان جو وڏو  وزير آهيان پر مان ايٽمي تجربن جي باري ۾ خبر ميڊيا مان ٻڌي، منهنجي صوبي ۾ تجربا ڪيا ويا، ۽ مونکي اعتماد۾ نه ورتو ويو. اجلاس ۾ موجود اڳواڻن انهي ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ انهي راءِ جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ پنهنجي حقن لاءِ سياست جو رستو اختيار ڪرڻ جو ڪو فائدو ڪونهي. اجلاس جون  خبرون ميڊيا ۾ ڇپيون ته 15 جون 1998ع تي اختر مينگل جي حڪومت کي برطرف ڪيو ويو. انهي کانپوءِ سردار عطاءُ الله مينگل تمام گهڻو ڪاوڙيل هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن سياسي واٽ نه ڇڏي. پاڪستان جي مظلوم قومن جي تحريڪ ( پونم)  جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين سندس جماعت بي اين پي مينگل پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ( پي ڊي ايم ) جو به حصو رهي پر سياسي جدوجهد ۽ هٿياربند مزاحمت مان ڪنهن هڪ واٽ جي باري ۾ هن جي سوچ ڇا آهي؟ اهو سوال اڃان تائين موجود آهي ، اهو ئي سبب آهي جو شايد هن جا ٻه پٽ مختلف واٽ وٺي بيٺا آهن.

مير غوث بخش بزنجو ۽ سندس اولاد ڪڏهن هٿياربند جدوجهد جي واٽ نه ورتي ۽ اهي جمهوري جدوجهد جا حامي رهيا پر بلوچستان ۾ ان جي سياسي جماعت نيشنل پارٽي جي قيادت به تقريبن ختم ٿي وئي آهي. نوروز خان جي پٽن ۽ ڀائٽين جي ڦاسي ۽ بعد ۾ نوروز خان جي موت کانپوءِ انهي جي قبيلي زرڪ زئي ۾ به دودا خان سميت هٿياربند مزاحمت لاءِ ڪير به اڳيان نه آيو.

 هن وقت بلوچستان جي صورتحال اها آهي ته وفاق پاڪستان جي سياست ڪرڻ واري به ڪاسياسي جماعت مضبوط ناهي رهي ۽ هٿياربند مزاحمت به ڪمزورٿي آهي. بلوچستان ۾ ڪنهن جي ۽ ڪهڙي طرح جي حڪومت هجي ۽ صوبي جي اندروني صورتحال ڪيئن هجي؟  انهي جو فيصلو بلوچستان جون سياسي قوتون ۽ عوام نه ٿي ڪري بلڪه پاڪستان جي حڪمران اشرافيه ڪندي آهي. راتورات بلوچستان عوامي پارٽي جهڙي سياسي جماعت ٺهي ويندي آهي، بلوچستان ۾ چونڊن جي نالي تي سليڪشن ٿيندي آهي ، اهڙي طرح بلوچستان جي عوام لاءِ سياست جو رستو بند آهي.

 هاڻي بلوچستان ۾ پهرئين کيپ جا وڏا اڳواڻ ناهن رهيا.  سردار عطاءُ الله مينگل انهي کيپ جو  آخري اڳواڻ هو،  انهي کان علاوه نواب خير بخش مري ۽ نواب اڪبر خان بگٽي بلوچستان جي سياست جي اهم دور جا مکيه اڳواڻ هئا. هو گهڻا بهادر با اصول ۽ مدبر سياستدان هئا. انهن جو مطالعو گهڻو وسيع هو، اهي مارڪسي ۽ ترقي پسنداڻي سوچ جا به حامي هئا. پنهنجي ملڪ ۽ عالمي سياست تي به انهن جي گهري نظر هئي پر اهي اڳواڻ بلوچستان جي عوام جي مضبوط سياسي جماعت نه ٺاهي سگهيا ۽ نه ئي مزاحمتي سياست کي منظم ڪري سگهيا. اڄ مينگل صاحب جي پٽن جيان بلوچستان به ٻه واٽي تي بيٺو آهي، انهن اڳواڻن تمام گهڻيون  قربانيون ڏنيون پر منهنجي خيال ۾ قبائلي انا سان سياست ناهي ٿيندي. هاڻي بلوچستان جي نئين قيادت کي ماضي جي تجربن کي آڌو رکي معروضي سياست ڪرڻي پوندي ۽ واضح حڪمت عملي اختيار ڪندي بلوچ عوام جي نمائنده ۽ مضبوط سياسي جماعت جوڙڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.  انهي سوال جو جواب حاصل ڪرڻو پوندو ته سردار عطاءُ الله مينگل جي حقيقي سياسي واٽ ڪهڙي هئي؟