قديمي ماڳ ليلا جي آتڻ جي حڪومت طرفان سروي ڪرڻ جو فيصلو

0
314

اڪري چودڳي (ن پ ا) تاريخي قديمي ماڳ ليلا جي آتڻ جي حڪومت طرفان ڪجھ ڏينهن اندر سروي ڪرڻ جو فيصلو ، سرڪاري طور ٿيندڙ سروي کان اڳ آرڪالاجي ماهرن ۽ ليلان جا آتڻ بچايو ڪاميٽي پاران تاريخي ماڳ جو معائنو معائني دوران تاريخي ماڳ جي زمين مان قديم آثارن مان ملندڙ نوادرات بابت شاهديون گڏ ڪري ورتيون، آرڪيلاجي ماهر پروفيسر غلام مصطفي شر جو چوڻ آهي ته آرڪيالاجي ماهرن پاران ماڳ جي اوڀر طرف هڪ ٻيو ماڳ هئڻ جي دعوي آهي، شھر ليلا آتڻ جو ٻيو حصو آھي هتي قيمتي پٿرن نوادرات لوھ جي ٽڪرن سڪن سان گڏ ميسارجي ويل گهرن جا نشان واضع آھن. هن چيو ته حڪومت طرفان ڪجھ ڏينهن ۾ سروي ٿيڻي هئي ان سلسلي ۾ ماڳ جو حدون ڏسڻ آياسين ته جيئن تاريخي ماڳ جي کوٽائي دوران سندس حدون ۽ نشان چٽا ڪيا وڃن ان دوران هي آثار مليا آهن جن مان واضع آھي هتي ان دور جاعاليشان گهر هئا هي حصو پهرين حصي کان به ڪافي وڏو آھي جيڪو ماڳ جي پهرين حصي جي اوڀر طرف آھي گهرن جي ڪمرن جا واضع نشان موجود آهن ماڳ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضروت آھي هتي تمام وڏي تاريخ مٽي هيٺان دفن ٿيل آھي.