قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ گابر ڏاھري وٽ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ڪاٺ سان ڀريل بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ تازو ڄاول ٻارڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 3 عورتون هڪ مرد محمد شريف ڏاهري زخمي ٿي پيا، حادثي سبب ڪار مڪمل طور تباهه ٿي وئي، پوليس موجب ھڪ ھفتو اڳ ڄاول ٻارڙي کي نواب شاھ مان ڊاڪٽر کي وارث طبيعت ڏيکاري واپس اچي رهيا هئا ته سندن ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي.