مٺي (رپورٽر) ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارن جي موت وارن واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيو، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، رپورٽ موجب سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻار فوت ٿي ويا آھن، جن ۾ اﷲ ڏنو، شنڪر، ستار ۽ پنجو جا تازا ڄاول ٻار شامل آهن، جنهن بعد هلندڙ مھيني فوتي ٻارڙن جو انگ 34 ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو مجموعي انگ 374 ٿي ويو آھي.