قاضي احمد واسي نوجوان زال کي ڇڏي سالي کي ڀڄائي ويو، گهرواري جون دانهون

0
409

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد واسي نوجوان زال کي ڇڏي سالي کي ڀڄائي ويو، گهرواري جون دانهون

قاضي احمد جي نبي بخش ڪالوني واسي شخص تي زال کي ڇڏي سالِي کي ڀڄائڻ جو الزام هنيو ويو آهي

متاثر ناري زرينا ملاح  پنهنجي مڙس مٿان الزام هڻندي چيو ته مڙس پرويز مون کي ڇڏي منهنجي ڀيڻ زليخان کي ڀڄائي ويو آهي

هن چيو ته مائٽ چون ٿا ڀيڻ جي گهران نڪرڻ ۾ منهنجو هٿ آهي، دربدري جو شڪار آهيان، منهنجي ڀيڻ ۽ منهنجي مڙس جو عدالتي نڪاح نه ٿيڻ ڏنو وڃي، مان دربدر ٿي وينديس، انصاف لاءِ آخري حد تائين وينديس، مون سان انصاف ڪيو وڃي