سنڌ ۾ ڪهڙا به اتحاد ٺهن پيپلزپارٽي تي ڪو فرق نه پوندو، اسان جو لاڏلو بلاول آهي: مراد علي شاهه

0
144
سنڌ ۾ ڪهڙا به اتحاد ٺهن پيپلزپارٽي تي ڪو فرق نه پوندو، اسان جو لاڏلو بلاول آهي: مراد علي شاهه
سنڌ ۾ ڪهڙا به اتحاد ٺهن پيپلزپارٽي تي ڪو فرق نه پوندو، اسان جو لاڏلو بلاول آهي: مراد علي شاهه

ٺٽو (رپورٽ: محبوب بروهي) اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪهڙا به اتحاد ٺهن پيپلزپارٽي تي ڪو فرق نه پوندو، اسان جو لاڏلو بلاول ڀٽو زرداري آهي، سڄي ملڪ مان جمهوري انداز ۾ چونڊ وڙھي سوڀارا ٿينداسين

اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه شيرازي هائوس ٺٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ اسان کي  ليول پليئنگ جي ضرورت ناهي، اسان جو لاڏلو بلاول ڀٽو زرداري آھي، سڄي ملڪ مان جمهوري انداز ۾ چونڊ وڙھي سوڀارا ٿينداسين

هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺھندا رهيا آھن انهن سان ڪوبه فرق نٿو پئي، سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ ڪجھه  قومپرستن سنڌ ورهائڻ جي ڳالھه ڪندڙن  سان وڃي اتحاد ڪيو آھي

مراد علي شاهه اعجاز شاهه شيرازي جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته قومپرستن جي ڊي اي جي صورت ۾  ڪراچي ۾ وڳوڙ ڪندڙن۽ سنڌ مخالفن  سان وڃي اتحاد ڪيو، سپريم ڪورٽ مان اميد آھي ته اها پاڻ  تي لڳل داغ ڌوئي صاف ڪندي

هن چيو ته اسان ۽ عوام شھيد ذوالفقار ڀٽو کي شھيد سمجهون ٿا هاڻي عدليه کي معاملو  صاف ڪرڻ گهرجي، نگران حڪومت کي زمينون وڪڻڻ سميت ڪنهن به قسم جا اختيار  حاصل نه آھن

مراد علي شاهه چيو ته پ پ اقتدار ۾ اچي عوامي طاقت  ماڻڻ بعد قانوني طريقي سان معاملا ڏسندي، ماضي ۾ مختلف لاڏلا سامهون آندا ويا، عوام اهو به ڏٺو ته 2018 ۾ هڪ فرد کي  عوام مٿان مڙھيو ويو