قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ محرم لنڊ ۾ رستي جي مالڪي تان لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي جو فيصلو بھار مري جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو جنھن موجب محرم لنڊ ۽ ان جي ڌر مٿان جھيڙي ۾ اڳرائي ڪرڻ تي 3 لک رپيا ڏنڊ ۽ تڏو ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو. جڏھن ته سرڪاري رستي جي دعوا ڪندڙ محرم لنڊ کي رستي جي مالڪي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻن مھينن جو ٽائيم ڏنو ويو، فيصلي ۾ بھار مري، شاھنواز ڌاريجو، انور ڌاريجو، رئيس حسن ڌاريجو لنڊ ۽ ڌاريجا برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.