شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) مقصودو رند جي ڳوٺاڻي نظير رند پاران زال کي قيد ۾ رکڻ واري عدالت ۾ ڏنل درخواست تي عدالتي حڪم بعد مقصودو پوليس ڳوٺ ڌِڱاڻو رند تي چڙھائي ڪري پيءُ جي گهر مان ناري مسمات مومل رند کي هٿ ڪري ورتو، ناري جو پيرسن پيءُ علي گل رند صدمي ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته پوليس تحويل ۾ ورتل ناري کي ايڊيشنل سيشن جج مسٽر عاصم جميل ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري پنهنجي بيان ۾ چيو ته نظير رند سان 3 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي ۽ ساڻس گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، نظير رند پنهنجي وڪيل معرفت زال کي قيد ۾ رکڻ بابت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته مومل سندس زال آهي ۽ سندس ماءُ پيءُ کيس زبردستي گهر ۾ قيد ڪري ويٺل آهن. اهڙي درخواست بعد عدالت سڳوري مقصودو رند پوليس کي ناري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد پوليس ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ناري کي تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪيو ته ناري جو پيرسن پيءُ ٻڌڻي تي ايندي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. فوتي جي ڀاءُ الهداد رند دانهيندي الزام هنيو ته مقصودو رند پوليس سندن گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪري نياڻي مومل رند کي کنڀي کڻي وئي جنهن جي صدمي ۾ ڀاءُ علي گل رند فوت ٿيو آهي. ٻئي طرف مقصودو رند پوليس موجب عدالتي حڪم تحت ڳوٺ تي ڇاپو هڻي ناري کي بازياب ڪرائي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ۽ سندس بيان جي آڌار تي لکپڙھ بعد ناري کي سندس مڙس نظير حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن فوتي پيرسن جو مڙهه ڳوٺ نيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.