ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ زمين جي غيرقاني الاٽمينٽ سميت 3 ڪيسن ۾ جاچ مڪمل ڪري ورتي. نيب اختيارين سنڌ هاءِ ڪورٽ کي قائم علي شاهه خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي ڇڏي، عدالت قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت ۾ 3 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪالهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پ پ اڳواڻ قائم علي شاهه پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته 3 ڪيسن ۾ نيب جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، منظوري لاءِ ڊرافٽ نيب چيئرمين کي اماڻيو ويو آهي. نيب موجب اڳوڻي وڏي وزير مٿان بروهي ڳوٺ جي غيرقانوني منظوري، اطلاعات کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪنڌڪوٽ ڪاليج لاءِ مهانگي اگهه تي زمين جي خريداري جا الزام آهن.