ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب پ پ اڳواڻ ضياءُ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري مامري جي انڪوائري مڪمل ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضياءُ الحسن لنجار پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر اڳڀرائي رپورٽ بابت عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ضياءُ الحسن لنجار خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ معاملو اسلام آباد هيڊڪوارٽر اماڻي ڇڏيو آهي، هاڻ هيڊڪوارٽر مان جواب اچڻ جو انتظار آهي، انڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار جي عبوري ضمانت ۾ 3 جولاءِ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.