ٺٽو ( رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) فٽبال جي عالمي ڪپ 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٺٽي جي فٽبال رانديگرياڻي مديحه ناز جاکرو قطر  پهچي وئي آهي، جيڪا فٽبال رانديگرياڻي جي حيثيت طور شرڪت ڪري فيفا پاران منعقد ڪيل سيمينار ۾ پاڪستان ۾ عورتن جي ڪردار ۽ پاڪستاني ثقافت جي موضوع تي پڻ ڳالھائيندي. ٺٽي جي فٽبال جي پھرين رانديگرياڻي ھجڻ سان گڏ ٺٽي ۾ ڇوڪرين جي فٽبال ٽيم جي قيام عمل ۾ آڻي سنڌ سطح تي فٽبال راند جي ٿيندڙ ٽورنامينٽن ۾ شرڪت ڪري نالو ڪمائيندڙ مديحا ناز جاکرو کي پاڪستان جي نمائدي طور شرڪت ڪرڻ لاءِ گھرايو ويو آھي پر قطر ۾ ئي جنريشن اميجز ۽ فيفا جي سھڪار سان ٿيندڙ سيمينار ۾ پڻ پاڪستان ۾ عورتن جي ڪردار ۽ پاڪستاني ثقافت جي موضوع تي پڻ پاڪستان جي نمائندگي  ڳالھائيندي، ھڪ ھفتي جي قطر جي دوري تي پھتل مديحا ناز جاکرو سان گڏ ٻين ملڪن ڀارت ۽ نيپال جو 2 فٽبال رانديگر ياڻيون پڻ قطر پھتل آھن جيڪي پڻ 20 نومبر تي قطر ۾ شروع ٿيندڙ عالمي فٽبال ڪپ 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ ٿيندڙ سيمينار ۾ ساڳئي موضوع تي ڳالھائينديون.مديحا ناز جاکر جي پيءُ ٺٽي جي صحافي رشيد جاکرو پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته مديحه ناز جاکرو شروع کان فٽبال راند جي شوقين هئي. ھوءَ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ٺٽو ۾ انگلش جي آخري سال جي شاگردياڻي آھي. مديحا ناز جاکرو کي اھو به اعزاز آھي ھن نه رڳو ٺٽي ۾ فٽبال راند کي ھٿي ڏني پر ڇوڪرين جي ھڪ مضبوط فٽبال ٽيم پڻ تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا سنڌ سطح تي ٿيندڙ ڇوڪرين جي فٽبال ٽورنامنٽن ۾ پڻ شرڪت ڪري ڪاميابي ماڻي چڪي آھي.