ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي سروس ٽربيونل نئين روشني اسڪول پرجيڪٽ جي استادن کي پگهارون نه ملڻ تان تعليم واري وفاقي سيڪريٽري جي پگھار روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس توقير احمد خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي سيڪريٽري وفاقي ٽربيونل جي ڪيترن حڪمن تي عمل ناهي ڪيو، درخواست گذار عبدالفتاح جو چوڻ آهي ته نئين روشني وارن استادن کي 8 سال گذرڻ باوجود پگهارون ناهن مليون