ڏوڪري (ن پ ا) ڳوٺ مرزا جوڻيجو جي رهواسي محمد اسلم جوڻيجو جي ڌيءَ 2 ورهين جي فوزيا گيسٽرو سبب ڏوڪري اسپتال ۾ فوت ٿي وئي،محمد اسلم جوڻيجو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڌيءَ کي شديد تڪليف هئي، جنهن کي اسپتال کڻائي آياسين جتي ڊاڪٽرن پاران هڙتال جو جواز ڄاڻائي ان جو علاج نه ڪيو،ڌيءَ فوت ٿي وئي.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايم ايس ڊاڪٽر ظفر الله موريو کي ڊاڪٽرن پاران علاج نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي ته هن دڙڪا ڏئي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هن سنڌ جي صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوڪري اسپتال جي ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انصاف ڏياريو وڃي.