فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج تعلقي ۾ وڻن جي غيرقانوني واڍي جاري، واپارين وڻ ڪٽرائي مهراڻ تي رکرائي ڇڏيو، روڊ جام ٿيڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل، ٻيلي کاتي جا عملدار ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل. ان سلسلي ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب فيض گنج تعلقي جي مختلف شهرن پڪاچانگ، ڪرونڊي، ڪوٽ لالو، اڪري چودڳي، جلالجي سميت مختلف هنڌن تي وڻن جي واڍي تيزيءَ سان جاري آهي. وڻ ڪپي سرعام مهراڻ هاءِ وي ڀرسان رکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري روڊ حادثا معمول بڻيل آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ علائقي واسين صاحب خان چانگ، حاجي مڱڻهار، غلام نبي شر ۽ ٻين پنهنجي اخبارسان ڳالهائيندي چيوته فيض گنج تعلقي ۾ وڻن جي غيرقانوني واڍي سبب قدرتي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي. ڪاٺ مهراڻ هاءِ وي سميت مختلف روڊن رستن تي رکي حددخليون ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. هنن جو چوڻ هو ته ٻيلي کاتي جا عملدار منٿليون وصول ڪن ٿا جنهن ڪري ٽالن وارن توڙي وڻ وڍيندڙ خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته روڊن رستن تان ڪاٺ هٽائي ٽال مالڪن خلاف ڪارروائي ۽ وڻن جي واڍي بند ڪرائي وڃي.