پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري شهر لڳ ميرواھ ڪينال جي پل زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي،رهواسين احتجاج ڪندي چيو آهي ته پل ٽٽڻ جو خطرو هر وقت موجود آهي انتظاميا نوٽيس نه ورتو، پيرولاشاري يونين ڪائونسل جي 40 هزار آبادي سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو پيرو لاشاري جي عوام احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته 40 سال اڳ تعمير ٿيل پل ۾ ناڪس مٽيريل استعمال ٿيڻ ۽ تيل ڪمپني جي هيوي گاڏين جي گذرڻ ڪري پل هن وقت مڪمل زبون ٿي ويئي آھي، شهرين جو چوڻ آهي ته 4 يوسين ۽ 48 ديهن کي شهر سان ملائيندڙ هي واحد پل آهي جتان ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو، اسڪولي شاگردن کان اعلاوه تيل ڪمپني جي هيوي گاڏين جو گذر پڻ هن پل تان ٿئي ٿو، چونڊيل نمائيندا هر اليڪشن ۾ ڪوڙا آسرا ڏئي ووٽ وٺي گم ٿيو وڃن هتان جي رهواسين مشتاق احمد گوپانگ، ايس ٽي پي اڳواڻ سڪندر خاصخيلي رمضان لاشاري، آگو خاصخيلي، حڪيم لاشاري مٺو خاصخيلي ۽ ٻين وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته چونڊيل نمائيندا ڳولهي اسان جي پل تعمير ڪرائي ڏيو ٻي صورت ۾ مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.