سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ جي وڏي وزير جي تڪ ۾ گرلس ڊگري ڪاليج 2008ع کان ڪروڙين رپين جي لاڳت منظور ھئڻ باوجود گذريل 13 سالن کان تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آھي. ان سلسلي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن اڪبر ملاح اصغر ڪوريجو صفدر نجفي نثار سولنگي ۽ ٻين چيو ته گرلس ڊگري ڪاليج جو تعميراتي ڪم 13 سالن کان مڪمل نه ٿيڻ ڪري شھر جون نياڻيون ھاء اسڪول جي چئن زبون ٿيل ۽ ليبارٽري جي ڪمرن ۾ ويھي تعليم حاصل ڪري رھيون آھن ۽ شاگردياڻين جو تعداد گھڻو ھئڻ ۽ ڪمرا گھٽ ھجڻ سبب ھڪ ڏينھن جي موڪل ڪئي پئي وڃي جنھن ڪري نياڻين جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت به آھي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ ۽ سندس اباڻو شھر ھئڻ باوجود گرلز ڪاليج جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آھي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته گرلس ڪاليج جو تعميراتي ڪم ھنگامي بنيادن تي ڪرائي نياڻين جو مستقبل بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ٻئي پاسي چئن ڪمرن جي بلڊنگ ۾ 750 کان مٿي شاگردياڻيون آھن. پرنسپال موجب ڪافي سبجيڪٽ جي استادن جي به کوٽ آھي، 15،کان 20 استادن جا پروموشن ٿيڻ باوجود جوائنگ نٿا ڪن، گرلس ڊگري ڪاليج جي پرنسپال گل ناز زھري پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته گرلس ڪاليج ۾ داخل 750 کان وڌيڪ شاگردياڻيون يارھين. ٻارھين ۽ بي اي جي تعليم گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول جي چئن ڪمرن ۾ حاصل ڪري رھيون آھن جنھن جي حالت به زبون آھي ۽ اھي ليبارٽري جي مٽيريل ۽ پرنسپل جي آفيس سميت ٽيڪنيڪل جي ڪمرن ۾ ويٺل آھن ۽ اسان ھر فورم تي ڳالھايو آھي ۽ ايجوڪيشن بلڊنگ کاتي کي لکت ڪئي آھي پر ڪاليج  تعمير نه ٿيو. ھن وڌيڪ چيو ته انٽر ، فرسٽ ايئر بي اي ۽ بي اي سي جي ڪيترن ئي سبجيڪٽن جي استادن جي شاٽيج آھي ۽ تازو ڪافي  استادن جا 18 گريڊ ۾  پروموشن ٿيا آھن ۽ جنھن جو تعداد 15 کان 20 آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته  سفارشي ڪلچر جي سبب ڪافي پنڌ جو جواز ڄاڻائي سيوھڻ ڪاليج ۾ جوائنگ ڪرڻ لاء تيار ناھن جنهن  ڪري نياڻين جو مستقبل داء تي لڳل آهي     ھن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته خدارا استادن جي کوٽ پوري ڪري ته جيئن نياڻين جي تعليم واري زيور کان انھن جو حق کان محروم نه ڪيو وڃي ۽ وڏي وزير کي اپيل ٿي ڪريان ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي بلڊنگ جو ڪم  به جلد مڪمل ڪرايو وڃي.