فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولي محمد سولنگي ۾ نوجوان امتياز پٽ عبدالله سولنگي زهريليون گوريون کائي ڇڏيون، نوجوان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو نوجوان جي وارث موجب نوجوان گهر وارن سان ناراض ٿي زهريليون گوريون کائي خودڪشي ڪئي آهي. خودڪشي ڪندڙ نوجوان پڪا چانگ شهر ۾ موبائلن جو دڪان هلائيندو هو نوجوان جي فوت ٿيڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي.