ڇور (ن پ ا) ڇور ويجهو جوابدار پاران عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، رڙين تي جوابدار فرار، متاثر عورت جي وارثن پاران ڌرڻو هنيو ويو. ڇور ڀرسان ڳوٺ فقير موڙ واسڻ متاثر عورت نانجو ڪولھڻ ميڊيا آڏو دانھيندي ۽ مبينا الزام ھڻندي چيو ته آئون گھران مڙس جي ماني کڻي ٻنيءَ تي وڃي رھي ھئس ته بيرم ڀيل رستي ۾ مون کي روڪي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا ڪپڙا ڦاڙي تذليل ڪئي، منهنجي رڙين تي ڳوٺاڻن پھچي مون کي ڇڏايو ۽ جوابدار بيرم ڀيل موقعي تان فرار ٿي ويو. ٻئي طرف عورت جي مڙس چيتن ڪولھي، سھري پياسي ڪولھي، لالچند ۽ ٻين ڪولھي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران احتجاج ڪندي ڇور فقير امين روڊ تي ڌرڻو ھنيو، جتي هنن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدار بيرم ڀيل تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ فورن گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڇور ٿاڻي تي رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ٻڌايو ته بيرم ڀيل عورت سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اھو ڪيس وومين ٿاڻي جو ھجڻ ڪري اسان متاثر عورت ۽ وارثن کي وومين ٿاڻي عمرڪوٽ روانو ڪيو آهي.