فيس بڪ طالبان سان لاڳاپيل مواد تي پابندي هڻي ڇڏي

0
265
فيس بڪ جي بندش سان

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) فيس بڪ طالبان سان لاڳاپيل مواد تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سماجي رابطن واري سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ تان طالبان سان لاڳاپيل مواد کي هٽائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

 

فيس بڪ جي ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته طالبان کي آمريڪي قانون تحت هڪ دهشتگرد تنظيم طور قبول ڪيو ويو آهي انڪري مٿس پابندي لڳائي وئي آهي. ترجمان موجب فيس بڪ تان طالبان ۽ سندس حامين جي مواد تي پابندي لڳائي آهي جڏهن ته ايپ تان سندس مواد هٽائڻ لاءِ افغان ماهرن جي ٽيم مقررڪئي وئي آهي جنهن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.