انوکو ڪيس: قاتل 41 سالن بعد ڊرامائي انداز ۾ گرفتار

0
399

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) انوکو ڪيس: قاتل 41 سالن بعد ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ پوليس لاڳيتو جاچ ۽ سخت محنت بعد عورت سان زيادتي ڪرڻ ۽ کيس گهٽا ڏئي مارڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار کي 41 سالن بعد گرفتار ڪري ورتو آهي. چيو پيو وڃي ته 1979 ۾ هڪ عورت کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيو هو، ڄاڻايل عورت جي عمر ان وقت 29 سال هئي ۽ هو هڪ ڪاليج ۾ ملازمه هئي، ڊيوٽي ڏين بعد جڏهن واپس گهرنه پهتي ته سندس ڳولا ڪئي وئي، ڄاڻايل عورت جو لاش سندس گاڏي مان مليو کيس گهٽا ڏئي ماريو ويوهو، سندس مڙس قتل ۽ زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو، پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ شاگرد جيمز ڊائي کي گرفتار ڪيو جيڪو ڪاليج ۾ پڙهندڙ هو پرشاگرد عورت کي سڃاڻن کان انڪارڪري ڇڏيو جنهن سبب پوليس کيس آزاد ڪري ڇڏيو.

 

پوليس لاڳيتو جاچ بعد گذريل سال هڪ ايجنسي سان گڏجي گڏيل ڊي اين اي نظام تحت چڪاس شروع ڪئي، گڏيل ڊي اين اي نظام تحت ڪيل چڪاس ۾ جيمز ڊائي جوابدار ظاهر ٿيو، جنهن بعد پوليس سندس گهر تي ڇاپو هنيو ۽ جيمز ڊائي کي 41 سال گذرڻ بعد 59 ورهين جي ڄمار ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ هو ته ڪيس جي سلسلي ۾ کيس تمام گهڻيون ڏکيائون پيش آيون ان جي باوجود ڪيس کي بند نه ڪيو ويو.