جھلم (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ڀاءُ کي پنجاب جي چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ملڻ تان پي ٽي آءِ اتر پنجاب ۾ ڏڦيڙپئجي ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ اتر پنجاب جي نائب صدر زاهد اختر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اڳوڻي ايم پي اي ياور ڪمال به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري وڌ و آهي. جھلم ۾ پريس ڪانفرنسڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا ياور ڪمال چيوته عمران خان فواد چوڌري کان بليڪ ميل ٿي مون کي ٽڪيٽ نه ڏني. عمران خان فواد چوڌري جي ڀاءُ کي ٽڪيٽ ڏئي موروثي سياست کي اڳتي وڌايو آهي. پارٽي کي فواد چوڌري جي گھر جي ٻانهي بڻائي ڇڏيو اٿس. راجا ياور ڪمال وڌيڪ چيو ته اسان ڏکئي وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ ڌرڻن ۾ حصو وٺندا رهياسين پر اسان سان ائين ٿيو، فواد چوڌري جي ڪري نظرياتي ماڻهو پارٽي ڇڏي ويا آهن، هاڻي آئون پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊر سامهون پي پي 25 تان اليڪشن وڙهندس. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اترپنجاب جي نائب صدر زاهد اختر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سمورن عهدن تان استعيفا ڏيان ٿو، عمران خان صاحب، توهان رانگ نمبر آهيو. پي پي 25 جي ٽڪيٽ تمام غلط ورهايو ويو. خان صاحب! توهان اسان کي مايوس ڪيو.