لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت جي امڪاني دوري تي تنقيد ڪندي ان کي ڪشميرين جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ جي برابر قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو ڀارت جو دورو ڪشميرين جي جدوجهد جي پٺ ۾ خنجر هڻڻ جي برابر آهي. فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته معاملي کي دفن ڪري ڀارت سان لاڳاپا ٺاهڻ انٽرنيشنل ايجنڊا جو حصو آهي، ايجنڊا تحت هن حڪومت کي پاڪستان تي مڙهيو ويو.