لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران پنجاب جي چونڊن لاءِ ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ان ڏس ۾ عمران خان  افطار پارٽي ۾ خطاب ڪندي چيو ته  اڄ کان 26 اپريل تائين ٽڪيٽن جي ورڇ جو جائزو وٺندس. ڪميٽين پاران موڪليل نالن تي غور ٿيندو. هن چيو ته اسين هجوم مان هڪ پاڪستاني قوم بڻجي رهيا آهيون. مينار پاڪستان واري جلسي ۾ به رڪاوٽون وڌيون ويون.  پر پوءِ به ماڻهن جو سمنڊ گڏ ٿيو.  علي امين گنڊاپور واري معاملي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته علي امين جي تذليل ذهني اذيت لاءِ شهر شهر گھمايو پيو وڃي. اهو سلوڪ ان ڪري آهي جو هو سياسي نظرياتي اڳواڻ آهي. هن چيو ته علي امين ڪارڪنن جو هر دل عزيز آهي ان ڪري ساڻس اهڙو سلوڪ پيو ٿئي. هن چيو ته جيڪو ڪجھه اوڀر پاڪستان ۾ ڪيو ويو اهو ٻيهر ورجايو پيو وڃي، جھڙي مضبوطي سان علي امين مصيبتون ڀوڳي رهيو آهي ان سان اسان جي نگاهن ۾ سندس قدر وڌي وئي آهي.