لاهور (م ڊ) حڪومت مخالف اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نوازشريف جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب فضل الرحمان ملاقات ۾ شهبازشريف آڏو پنهنجا اختلاف کولي بيان ڪيا، ذريعن موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڻ ۾ اختلافن ۽ اعتماد جي کوٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پي ڊي ايم سربراهه شهبازشريف کي شڪايت ڪئي ته شاهد خاقان عباسي پي ڊي ايم کان ڳالهيون لڪائيندو آهي، مولانا فضل الرحمان نواز ليگ ۽ حڪومت ۾ ڳالهين تي به خدشن جو اظهار ڪيو، شڪايتن ۽ ڏوراپن دوران پيپلزپارٽي جو به ذڪر ٿيو، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پي ڊيم ايم ۾ نه پر پارليامينٽ ۾ پ پ کي گڏ کڻي هلبو، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ نيب ترميمي آرڊيننس ۽ نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ کي به چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.