لاهور (م ڊ) نيب ترميمي آرڊيننس 2021 کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي. نيب ترميمي آرڊيننس 2021 خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس 2021 اعليٰ عدليا جي فيصلن خلاف آهي، پارليامينٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس جاري نٿو ڪري سگهجي، قانون موجب نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي، نيب ترميمي آرڊيننس 2021 غير آئيني ۽ غير قانوني آهي. درخواستگذار چيو آهي ته قانونسازي جو اختيار پارليامينٽ کي آهي، ڪنهن هڪ فرد لاءِ آرڊيننس جاري نٿو ٿي سگهي، عدالت کي اپيل آهي ته پٽيشن جي حتمي فيصلي تائين نيب ترميمي آرڊيننس تي عمل روڪيو وڃي، نيب ترميمي آرڊيننس 2021 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته صدر عارف علوي نيب ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪيو هو، جنهن تحت صدر نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪندو پر اتفاق نه ٿيڻ تي نيب چيئرمين جو معاملو پارلياماني ڪاميٽي کي موڪليو ويندو، جڏهن ته نئين چيئرمين جي مقرري تائين هاڻوڪو چيئرمين ڪم جاري رکندو.